سچل جو مڪتب

سچل جو مڪتب

سچل جو مڪتب

سچل جو مڪتب (ڪتاب): سچل سرمست جي مڪتبه فڪر ۽ سچل شناسيءَ جي بنيادي محرڪن تي لکيل هن ڪتاب جو مصنف سنڌ جو ناليوارو اديب رشيد ڀٽي آهي. ڪتاب ۾ سچل جي تعليمات ۽ صوفياڻي طرز فڪر جي اپٽار ڪرڻ سميت سندس ڪلام جي فڪري پهلوءَ تي نظر وڌي وئي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر ۽ عالم ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هن سرمستي مڪتبه فڪر کي سمجھائيندي سچل شناسيءَ بابت نقطن کي نروار ڪيو آهي.
ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾: سچل جو مڪتبهء خيال ۽ ڪردار، انسان جي عظمت، وحدت ۽ محبت جو شاعر، سچل جو علامتي اظهار، عشق امام سچوءَ جو يارو، سچل سارو سچ، سچل جي فن ۽ فڪر جو پس منظر ۽ محرڪ اچي وڃن ٿا. ڊيمي سائيز جي 52 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور پاران 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو